'سلطان بخاري' جون تصويرون
 سلطان بخاري جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سلطان بخاري

سلطان بخاري: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سلطان بخاريءَ، 12 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سيد قطب علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي (اسلامي ڪلچر) تائين تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي. لکڻ جو آغاز 1987ع کان ڪيائين. ان دور کان ئي عل.....


ديندار خان بخاري

ديندار خان بخاري: ديندار خان جو اصل نالو سيد بهوه بخاري هو. شهنشاهه جهانگير جي درٻار سان وابسته هو. هي شهنشاهه جهانگير جي دؤر حڪومت جي ارڙهين سال دهليءَ جو حاڪم ٿيو. مهابت خان جي مغل گهراڻي سان غداريءَ بعد هن کي فوج ۾ شامل ڪيو ويو. مغلن پاران جڏهن مرزا احمد خان، سنڌ تي حاڪم هو، تڏهن ماڻهن تي تمام گه.....


ديوان گل بخاري

ديوان گل بخاري (ڪتاب): هيءَ ديوان ناليواري اديب سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي غزليه شاعريءَ تي سنڌي الف ب جي 52 اکرن تي مشتمل ديوان آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مروج اُچارن موجب 70 رديف ترتيب وار ڏنا ويا آهن. هيءُ ديوان سنڌي الف- ب موجب فني حوالي سان پهريون سنڌي ديوان آهي. هن ديوان ۾ هڪ نظم به آهي، جنهن.....


پير نبي شاهه بخاري رح

پير نبي شاهه بخاري رح: هن بزرگ جي مزار نبي شاهه محلي، شڪارپور ۾ آهي. فقيرن مطابق هي بزرگ مديني شريف کان تبليغ جي واسطي شڪارپور ۾ آيو. مزار جي لڳ جامع مسجد آهي، جيڪا به سندس نالي سان سڏجي ٿي. چيو وڃي ٿو ته هن بزرگ اها مسجد تعمير ڪرائي، جنهن ۾ ويهي درس تدريس ۽ تبليغ جو ڪم ڪندو هو. رجب مهيني جي 13 تاري.....


پير نور شاهه بخاري

پير نور شاهه بخاري: پير نور شاهه بخاريءَ جي مزار شڪارپور ۾ نور شاهه محلي ۾ آهي. هي محلو سندس نالي پٺيان نور شاهه محلو سڏجي ٿو. سندس وڏا بلخ مان هجرت ڪري، اُچ ۾ آيا هئا، جتان هي شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا. هن درگاهه جا ستن پيڙهين کان خدمتگار چنا آهن. چيو وڃي ٿو ته هي جملي ست ڀائر هئا: نبي شاهه، نور شاهه.....


حضرت اسماعيل شاهه بخاري جو ميلو

حضرت اسماعيل شاهه بخاري جو ميلو: مشهور بزرگ حضرت اسماعيل شاهه بخاريءَ جو ميلو ديهه مويا، ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ هر سال 7، 8 ۽ 9 مارچ تي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ ملاکڙو، ڪٻڊي راند، سرڪس، چوپائي سال جو وڪرو، ڀلن ڍڳن ۽ گھوڙن جا انعامي مقابلا ۽ مختلف شين جا دڪان سينگاريا ويندا آهن. ه.....


سخي پاڻ سلطان جو مقبرو

سخي پاڻ سلطان جو مقبرو (ماڳ): اسلامي دور جو هيءُ مقبرو سيوهڻ ضلعي ۾ آهي. هي مقبرو بودلي بھار جي مقبري کان ڪجهه سون ميٽرن جي پنڌ تي آھي. جيتوڻيڪ هي مقبرو قديم آثارن جي زمري ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ان جي اڏاوت نئين آھي. ھن بزرگ جو اصل نالو سيد عبدالوھاب شاھه جيلاني هو. چون ٿا ته پاڻ قلندر شھباز جو ھم عصر .....


سردار سلطان احمد خان

سردار سلطان احمد خان: ناميارو سياستدان، سردار سلطان احمد خان ولد سردار محمد ايوب خان، سنڌ بلوچستان جي بابڙ پٺاڻ قبيلي جو سردار هو. شڪارپور تعلقي جي ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ 1900ع ڌاري ڄائو. هن ديرادون ڀارت مان تعليم حاصل ڪئي، سندس والد سردار محمد ايوب خان دهلي درٻار جو هڪ معزز رڪن هو. قيام پاڪستان کان اڳ سرد.....


سلطان ابراھيم جو مقبرو

سلطان ابراھيم جو مقبرو: سلطان ابراھيم اول بن مرزا عيسيٰ اول. ھن جي قبر گنبذ دار مقبري ۾ آھي. 16 ربيع الاول 966 ھجريءَ ۾ وفات ڪيائين. ھي مقبرو خليل خان مھردار جي نالي سان منسوب ھو. جيڪو ميرزا باقي جو امير ھو. چيو وڃي ٿو ته ھن وصيت ڪئي ھئي ته کيس ان مقبري ۾ دفن نه ڪيو وڃي. ڇوتھ مقبري ٺھندي متان ڪنھن م.....


سلطان ابراهيم شاهه

سلطان ابراهيم شاهه: ضلعي شڪارپور جي اوليائن ۽ صوفي بزرگن ۾ حضرت سلطان ابراهيم شاهه جو نالو به سر فهرست آهي. هي بزرگ پنهنجي دور جو صاحب ڪرامت ولي سڏيو وڃي ٿو. تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته شڪارپور شهر جو بنياد به هن بزرگ جي دعا سان پيو. لکيءَ جا مهر سندس مريد هئا ۽ دائودپوٽا به سندس وڏو احترام ڪن.....


سلطان ابڙو

سلطان ابڙو (ديهه): سلطان پور، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾هيٺيان ڳوٺ شامل آهن. دائيءَ جي وانڍ، ڳوٺ صاحب خان جوڻيجو، ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو، ڳوٺ اڪبر علي مگسي، ڳوٺ غلام حيدر ملگاڻي، ڳوٺ علي گوهر ملگاڻي، ڳوٺ خورشيد احمد جوڻيجو، ڳوٺ دستي، شرن جا گھر ۽ ڳڙهي بقا. .....


 پوئتي   1   2   3   4  5  6   7   8   9   اڳتي